امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/01/2014

ساوڻ رت جي برکا برسي

گيت

نجمه نور ڦلپوٽو

ساوڻ رت جي برکا برسي،
ٿي وئي ڌرتي سائي سرسي،
بادل ڀرجي ڪن گجگوڙون،
وڄڻون ڪن پيون ور ور اُڙون،
مينهن ڦڙا جيئن جسم ڇهن ٿا،
تينئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

پريم پکيئڙا، ٻوليون ٻولين،
پنهنجا ساٿي ساريو ڳولين،
جيئن ڪي پيارا پوءِ ملن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

ٿڌڙي ٿڌڙي هير گهلي پئي،
ڄڻ ته سرير ۾ سير هلي پئي،
مکڙين مان جيئن گل ٽڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا،

پنهنجي ديس ڏي ڪونج قطاري،
مون به پرين جي واٽ نهاري،
جيئن انڊلٺ جا رنگ رچن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

گلن تي پوپٽ ڦيرا پائن،
پنهنجي امر پيا پريت پسائن،
گلڙن تان جيئن گهور وڃن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

سرتيون سرھا پيار پچارن،
ڳل ڳراٺڙيون پائي مارن،
جيئن ڇاتين مان ڇوھ ڇلن ٿا.
تيئن نيڻن مان نير وھن ٿا.

برکا جو رنگ چوڏس پکڙيو،
موهه مچي پيو مورک من جو،
جيئن جذبن جا گيت جڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جَانِ جهُرندي رهي، رات روئيندي رهي

گيت 

نجمه نور ڦلپوٽو

جَانِ جهُرندي رهي، رات روئيندي رهي.
آس ٽٽندي رهي، تون نه آئين پرين.

مينهن وسندا رهيا، پٽ پسندا رهيا،
ساز وڄندا رهيا، هير گهلندي رهي.
تون نه آئين پرين. 

سنگ پچندا رهيا، کيت کڄندا رهيا،
رنگ رچندا رهيا، پريت پچندي رهي،
تون نه آئين پرين. 

گل ٽڙندا رهيا، ڀنئور مڙندا رهيا،
گيت جڙندا رهيا، باک ڦٽندي رهي،
تون نه آئين پرين. 

لاٽ ٻرندي رھي، ماٽ وسندي رھي،
رات ڀڄندي رھي، جان جھلندي رھي
تون نه آئين پرين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو

غزل 

عائشه ميمڻ

رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو،
جسم ڀوري مٿان ويس ڪارو ڏٺو.

جام نيڻن سان پياري پيو لوڪ کي،
ڪيترو پاڻ پوءِ ڀي اڃارو ڏٺو.

ها ستارا سوين رات آڪاس ۾،
چنڊ جي اوڏڙو هڪ ستارو ڏٺو.

موڪلايئي پرين! رات بوسا ڏئي،
جاڳ ٿي ساهه ڪيڏو ڏکارو ڏٺو.

”عائشه“ ڇو نه آيو اڃا هُو سڄڻ،
سارَ سان مون گذاري سيارو ڏٺو.





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/12/2013

مان باغي هان، مان باغي هان

راشد مورائي

مان باغي هان، مان باغي هان

جي دل ۾ تنهنجي ڪلفت آ، ته مونکي توکان نفرت آ،
جي دين اوهان جو دولت آ، مذهب منهنجو محبت آ،
تون انسانن جو ويري آن، ۽ منهنجي توتي لعنت آ
مان باغي هان، مان باغي هان.

هيءَ ڳاڙي ماڙي رئيسن جي، ۽ سائي جيب وڏيرن جي،
مان باغي هان سو باه ڏئي ٿو ڪريان سڄ لٽيرن جي،
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هُت توکي تياري نيرن جي،
اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ، جهڙپ بکايل شيرن جي،
مان باغي هان، مان باغي هان،

هت ڀونڪ ڪتي جي ڪان ٻجهي،هت وڏڙا واڪا ڪڪڙن جا،
هي بنگلو آهي رئيسن جو، جت ڌوڙيا آهن ڌُڪڙن جا،
هت گاه نه آهي گابي کي،هت چارا آهن ڪڪڙن جا،
هي هاريءَ جو هڪ ديرو آ، جتي مارا آهن مڪڙن جا،
مان باغي هان مان باغي هان.

هي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،
سي کائي کائي خوش ٿئي، ۽ مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،
۽ ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيح تي، ٻي وائي ڪاب نه ڄاڻي ٿو،
هي ڪافر آ، هو ڪافر آ، بس تند اها ئي تاڻي ٿو،
مان باغي هان مان باغي هان.

تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو، مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو،
تون لاشن تي ٿو ڏند ڪڊين، مان لڙڪ انهن تي لاڙيان ٿو،
مان انسانيت جو درس ڏئي، ڏس قول اڳوڻو پاڙيان ٿو.
مان سوليءَ تي پڻ سچ چئي، اڄ تنهنجو اندر ساڙيان ٿو،
مان باغي هان مان باغِي هان.

او ڀڀ وڏا او ڄڀ وڏا، جي تنهنجي هٿ ۾گولي آ،
ته باغي هڪڙو مان ناهيان، مون سان باغِي ٽولي آ،
هي سڀ اهي جن سان کيڏي خون جي هر دم هولي آ،
۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڌيسون، سڀني جي هيءَ ٻولي آ
مان باغي هان، مان باغي هان.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/11/2013

محبت جي هر لمحي ۾ ڄڻ زندگي رکي آ








غزل

رخسانه پريت

اکڙين ۾ سڀ جي، ياد جي نيري ندي رکي آ
سانڍيل ڪو درد دل ۾، ديوانگي رکي آ

رولاڪ خيال پنهنجا، پنڌ پير ڪن جدا پيا،
ڪنهن روح پنهنجي ۾ هي آوارگي رکي آ

محبت جو هر لمحو ڄڻ، سانڍيو آ ساه ۾ مون،
محبت جي هر لمحي ۾ ڄڻ زندگي رکي آ 

پئي سور سڀ سڻايان سرتي جيان ڄڻ ٿي ڀايان،
هي منهنجي ڀر ۾ منهنجي جا ڊائري رکي آ

هر مک تي پيڙا پڌري هر اک ڀري پئي آ، 
وک وک تي، احتجاج، رڙ، ناراضگي رکي آ 

محبت جو جام ڇلڪيو، مايا به ڄار اڇليو،
ڪو ڌن تي ويو وڪامي، ڪنهن دل لڳي رکي آ 

بادل لڪايو اڀ مان سانوڻ نه ڳولهجان تون،
تولاءِ لڪائي سانول هڪ سانوڻي رکي آ 

ٻوٽيون، ته تون ئي تون آن، کوليون اکيون ته سامهون،
هڪ عڪس من ۾، سامهون ٻئي آرسي رکي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/10/2013

سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو

غزل

جميل سومرو

سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو
فطرت سان کُليل پيار تي پهرا نه لڳايو

هر شوخ ڪلي واءُ ۾ آزاد ڇڏي ڏيو
احساس تي اظهار تي پهرا نه لڳايو

نيڻن ۾ رکي خواب سنهرا جو وڌي پيو
مسڪين جي هن ٻار تي پهرا نه لڳايو

پئِي امن محبت سڄي دنيا ۾ پکيڙي
صوفيءَ جي سوچ سار تي پهرا نه لڳايو

ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياري
راڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو

هي شاه ، سچل پيار جي پيغام جا داعي
ڪنهن بيت جي جهونگار تي پهرا نه لڳايو



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/10/2013

بس عشق جو نالو کڻو، الزام ٿو ڌرجي وڃي


غزل

امر پيرزادو

هر گهاوُ ٿو ڀرجي وڃي
بس درد ٿو رهجي وڃي

نقصان جو آهي پتو
پر سچ ٿو چئجي وڃي

ڪو موت کان ڇرڪي نٿو
ٿو حق َ تي اڙجي وڃي

بس عشق جو نالو کڻو
الزام ٿو ڌرجي وڃي

هو چنڊ ڇو آڪاش جو
ڪا سارَ ٿو بڻجي وڃي؟

توکان سوا ڀي وقت هي
ٿو عمر ۾ ڳڻجي وڃي




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>