امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/01/2014

ساوڻ رت جي برکا برسي

گيت

نجمه نور ڦلپوٽو

ساوڻ رت جي برکا برسي،
ٿي وئي ڌرتي سائي سرسي،
بادل ڀرجي ڪن گجگوڙون،
وڄڻون ڪن پيون ور ور اُڙون،
مينهن ڦڙا جيئن جسم ڇهن ٿا،
تينئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

پريم پکيئڙا، ٻوليون ٻولين،
پنهنجا ساٿي ساريو ڳولين،
جيئن ڪي پيارا پوءِ ملن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

ٿڌڙي ٿڌڙي هير گهلي پئي،
ڄڻ ته سرير ۾ سير هلي پئي،
مکڙين مان جيئن گل ٽڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا،

پنهنجي ديس ڏي ڪونج قطاري،
مون به پرين جي واٽ نهاري،
جيئن انڊلٺ جا رنگ رچن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

گلن تي پوپٽ ڦيرا پائن،
پنهنجي امر پيا پريت پسائن،
گلڙن تان جيئن گهور وڃن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

سرتيون سرھا پيار پچارن،
ڳل ڳراٺڙيون پائي مارن،
جيئن ڇاتين مان ڇوھ ڇلن ٿا.
تيئن نيڻن مان نير وھن ٿا.

برکا جو رنگ چوڏس پکڙيو،
موهه مچي پيو مورک من جو،
جيئن جذبن جا گيت جڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔