امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


31/03/2016

اڃا به اُڃ، رڃ، رات آهي

غزل

اياز جاني

اڃا به اُڃ، رڃ، رات آهي،
اڃا به باندي فرات آهي.

پَسان ٿو مان باک رنگ تو ۾،
تڏهن ته تنهنجي به تا ت آهي.

ڪڏهن ته آهي پها به رکندي،
ڪڏهن ڏنگيندي به ڏات آهي.

بهار ۾ بيقرار هينئڙو،
اُداس ڪويل جي لات آهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/03/2016

روڊ تي هڪ حادٿو ٿيندي ڏٺم

غزل

امر پيرزادو

روڊ تي هڪ حادٿو ٿيندي ڏٺم
ان ۾ پنهنجو هانءُ ڀي ويندي ڏٺم

ڪو نه در کي هاءِ کڙڪايو سُکن
پاڻ ڏي بس درد کي ايندي ڏٺم

موٽ ٿيندي زندگيءَ ڏي پو ڏکي
جيڪڏهن توکي وري ويندي ڏٺم

عشق جي آوي ٿڌي ئي ڪا نه ٿي
لوڪ کي پاڻي به هاريندي ڏٺم

درد دل جو ڇو نه ٿو ظاهر ٿئي
ڏات سان اڄ پاڻ جهيڙيندي ڏٺم


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/03/2016

يا ته هو وسندڙ پٿرن کي سمجهي نه سگهيو

راشد مورائي

يا ته هو وسندڙ پٿرن کي سمجهي نه سگهيو
يا ته هو منهنجي شعرن کي سمجهي نه سگهيو

خط جو مطلب هڪ جو ٽيون ڪڍيائين، جو
جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو

ٻهراڙي جو سادو سودو ماڻهو هو
سياست سان پُر شهرن کي سمجهي نه سگهيو

هو ته ذهين، ذهانت هن جي وئرٿ وئي
ماسڪ پاتل چهرن کي سمجهي نه سگهيو

وقت اجايو پاڻي وانگر وهندو ويو
قيمت وارن پهرن کي سمجهي نه سگهيو

گلقند جهڙن گفتن موهي مست ڪيو
دل ۾ قاتل زهرن کي سمجهي نه سگهيو

دهلن شرنائين سمجهايس شادي آ
پوڙهي جي سر سهرن کي سمجهي نه سگهيو

’راشد‘ ساري دنيا کي سمجهي ويو پر
پنهنجن يارن گهرن کي سمجهي نه سگهيو​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ ​

راشد مورائي​

سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ ​
پاڻ پڏائڻ سنهنجوآ ، ميدان ملهائڻ مشڪل آ ​

ڀؤنرٿيڻ ۾ آساني آ ، گل جو واس وٺي سگهبو ​
پروانو ٿي باه وسائڻ جان جلائڻ مشڪل آ ​

روڪڻ ساڻ رهان ته بچان ، پر جيجل ! مان ڪيئن جوڙ ڇڏيان ​
ساه سهائڻ سولو آ ، پر ساٿ سهائڻ مشڪل آ ​

هاءِ عقل جا انڌا ڪي ، ”راشد“ کي اڃا سمجهي نه سگهيا ​
موت قبولڻ ممڪن آ ، پر ڳاٽ جهڪائڻ مشڪل آ ​

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/03/2016

اَڪيلِي اَڪيلِي رهِي جُستجُو

غزل

اختر درگاهي

اَڪيلِي اَڪيلِي رهِي جُستجُو
اُجهاڻل اُجهاڻل رهِي آرزُو

وِڇوڙي نئون روز دوکو ڏِنو
سڄي رات يادُن ڪئي گُفتگُو

حياتيءَ جي سوڙهي قبر جي مٿان
تُنهنجو نينهُن پوکي ويو ناز بُو

اسانجي اندر ۾ لٿو سمنڊ هَو
جڏهن نيڻَ تُهنجا هُيا رُوبرُو

لڳو عشق پنهنجو به ميهارَ سان
گهَڙي ساڻُ گڏُ آ لُڙهِي آبرُو

اکيون چار چَپَ چار ۽ ٻئي دِليون
جڏهن گُم ٿِي وِيا پو رَهِي مان نه هُو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا

غزل

اياز جاني

من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا،
چپ ھيراڪ تنھنجي نيڻن جا.

راز سرجيا نہ سي بہ ڄاڻن ٿا،
ڇا تہ اداراڪ تنھنجي نيڻن جا!

باک جي چھري کي اوس چمندا،
جن کي ڀي چاڪ تنھنجي نيڻن جا.

پيار جا ديپ ڪنھن بہ ٻاريا پر،
ٿا سجن تاڪ تنھنجي نيڻن جا.

آء مفلس ۽ شھر تنھنجي ۾،
ڪيترا واڪ تنھنجي نيڻن جا.

جھول گدلي ۾ ڪيئن جھلي جاني،
لڙڪ سڀ پاڪ تنھنجي نيڻن جا.​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زيتون جي ٽاري نه هئي ڳيرو نه هو

غزل 

اياز جاني

زيتون جي ٽاري نه هئي ڳيرو نه هو
واسينگ ها، ڪو مور جو پيرو نه هو

ڪئن ڌوڙ ۾ لٽجي ويا سڀ قافلا
اجرين اکين ۾ خواب جي ميرو نه هو 

هن زلف ۾ ويڙهي رکيو هو وصل کي
هن وار جئن کوليا ته ڪو گهيرو نه هو

ان ننڊ جي مون لئه ڪراچي تنگ هئي
جنهن جاڳ ۾ منهنجو نئون ديرو نه هو

دل سانوڻي وسندي رهي، جلندي رهي
ڀرسان ڪٿي بارش نه هئي، ڄيرو نه هو

'""""""""""""""""""""""""""
ڪتاب : دراوڙ دل جي تنهائي 

صحفو ..239


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>