31/03/2016
29/03/2016
24/03/2016
يا ته هو وسندڙ پٿرن کي سمجهي نه سگهيو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
راشد مورائي
يا ته هو وسندڙ پٿرن کي سمجهي نه سگهيو
يا ته هو منهنجي شعرن کي سمجهي نه سگهيو
خط جو مطلب هڪ جو ٽيون ڪڍيائين، جو
جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو
ٻهراڙي جو سادو سودو ماڻهو هو
سياست سان پُر شهرن کي سمجهي نه سگهيو
هو ته ذهين، ذهانت هن جي وئرٿ وئي
ماسڪ پاتل چهرن کي سمجهي نه سگهيو
وقت اجايو پاڻي وانگر وهندو ويو
قيمت وارن پهرن کي سمجهي نه سگهيو
گلقند جهڙن گفتن موهي مست ڪيو
دل ۾ قاتل زهرن کي سمجهي نه سگهيو
دهلن شرنائين سمجهايس شادي آ
پوڙهي جي سر سهرن کي سمجهي نه سگهيو
’راشد‘ ساري دنيا کي سمجهي ويو پر
پنهنجن يارن گهرن کي سمجهي نه سگهيو
سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
راشد مورائي
سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ
پاڻ پڏائڻ سنهنجوآ ، ميدان ملهائڻ مشڪل آ
ڀؤنرٿيڻ ۾ آساني آ ، گل جو واس وٺي سگهبو
پروانو ٿي باه وسائڻ جان جلائڻ مشڪل آ
روڪڻ ساڻ رهان ته بچان ، پر جيجل ! مان ڪيئن جوڙ ڇڏيان
ساه سهائڻ سولو آ ، پر ساٿ سهائڻ مشڪل آ
هاءِ عقل جا انڌا ڪي ، ”راشد“ کي اڃا سمجهي نه سگهيا
موت قبولڻ ممڪن آ ، پر ڳاٽ جهڪائڻ مشڪل آ
18/03/2016
اَڪيلِي اَڪيلِي رهِي جُستجُو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
اختر درگاهي
اَڪيلِي اَڪيلِي رهِي جُستجُو
اُجهاڻل اُجهاڻل رهِي آرزُو
وِڇوڙي نئون روز دوکو ڏِنو
سڄي رات يادُن ڪئي گُفتگُو
حياتيءَ جي سوڙهي قبر جي مٿان
تُنهنجو نينهُن پوکي ويو ناز بُو
اسانجي اندر ۾ لٿو سمنڊ هَو
جڏهن نيڻَ تُهنجا هُيا رُوبرُو
لڳو عشق پنهنجو به ميهارَ سان
گهَڙي ساڻُ گڏُ آ لُڙهِي آبرُو
اکيون چار چَپَ چار ۽ ٻئي دِليون
جڏهن گُم ٿِي وِيا پو رَهِي مان نه هُو
من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
اياز جاني
من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا،
چپ ھيراڪ تنھنجي نيڻن جا.
راز سرجيا نہ سي بہ ڄاڻن ٿا،
ڇا تہ اداراڪ تنھنجي نيڻن جا!
باک جي چھري کي اوس چمندا،
جن کي ڀي چاڪ تنھنجي نيڻن جا.
پيار جا ديپ ڪنھن بہ ٻاريا پر،
ٿا سجن تاڪ تنھنجي نيڻن جا.
آء مفلس ۽ شھر تنھنجي ۾،
ڪيترا واڪ تنھنجي نيڻن جا.
جھول گدلي ۾ ڪيئن جھلي جاني،
لڙڪ سڀ پاڪ تنھنجي نيڻن جا.
زيتون جي ٽاري نه هئي ڳيرو نه هو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
اياز جاني
زيتون جي ٽاري نه هئي ڳيرو نه هو
واسينگ ها، ڪو مور جو پيرو نه هو
ڪئن ڌوڙ ۾ لٽجي ويا سڀ قافلا
اجرين اکين ۾ خواب جي ميرو نه هو
هن زلف ۾ ويڙهي رکيو هو وصل کي
هن وار جئن کوليا ته ڪو گهيرو نه هو
ان ننڊ جي مون لئه ڪراچي تنگ هئي
جنهن جاڳ ۾ منهنجو نئون ديرو نه هو
دل سانوڻي وسندي رهي، جلندي رهي
ڀرسان ڪٿي بارش نه هئي، ڄيرو نه هو
'""""""""""""""""""""""""""
ڪتاب : دراوڙ دل جي تنهائي
صحفو ..239


