امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


12/10/2013

سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو

غزل

جميل سومرو

سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو
فطرت سان کُليل پيار تي پهرا نه لڳايو

هر شوخ ڪلي واءُ ۾ آزاد ڇڏي ڏيو
احساس تي اظهار تي پهرا نه لڳايو

نيڻن ۾ رکي خواب سنهرا جو وڌي پيو
مسڪين جي هن ٻار تي پهرا نه لڳايو

پئِي امن محبت سڄي دنيا ۾ پکيڙي
صوفيءَ جي سوچ سار تي پهرا نه لڳايو

ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياري
راڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو

هي شاه ، سچل پيار جي پيغام جا داعي
ڪنهن بيت جي جهونگار تي پهرا نه لڳايو



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/10/2013

بس عشق جو نالو کڻو، الزام ٿو ڌرجي وڃي


غزل

امر پيرزادو

هر گهاوُ ٿو ڀرجي وڃي
بس درد ٿو رهجي وڃي

نقصان جو آهي پتو
پر سچ ٿو چئجي وڃي

ڪو موت کان ڇرڪي نٿو
ٿو حق َ تي اڙجي وڃي

بس عشق جو نالو کڻو
الزام ٿو ڌرجي وڃي

هو چنڊ ڇو آڪاش جو
ڪا سارَ ٿو بڻجي وڃي؟

توکان سوا ڀي وقت هي
ٿو عمر ۾ ڳڻجي وڃي




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/09/2013

اڃارا ديد جا آهيون، بخارا قرب جا آهيون،


استاد بخاري

اسان جي پيار جو تحفو قبوليندي ته خوش ته هوندين،
گلابي گل هي گلدستو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اسان وٽ عشق اڻ ڪٺ آ، اوهان وٽ سونهن سڀ ڪجھ آ،
هي سڪ ۽ سونهن جو سودو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اڃارا ديد جا آهيون، بخارا قرب جا آهيون،
سوال آهي ته سنگت جو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

محبت زندگي آهي، محبت بندگي آهي،
اهو ”استاد“ جو گفتو قبوليندي ته خوش ته هوندين-
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مندن مان به مهڪار گھٽجي وئي آ


غزل

مشتاق ڦل

مندن مان به مهڪار گھٽجي وئي آ
زماني مان سڪ سار گھٽجي وئي آ

جڏهن کان پرينءَ وار کوليا نه آهن
هوائن مان هٻڪار گھٽجي وئي آ !

پڇو ٿا مزو آ سموري خوشي بس، 
اوهان کانسوا يار گھٽجي وئي آ ! 

ڪٿي ڇانورا سي ڪٿي ٿڪ ڀڃجن؟ 
ٻڌئون ٿا ته وڻڪار گھٽجي وئي آ ! 

جڏهن کان اوهان جو نه ڦوٽو ڇپيو آ ، 
وڪامڻ سا اخبار گھٽجي وئي آ ! 

الئي ڇو سڄڻ جي مشتاق اڄڪلهه 
ملڻ واري رفتار گھٽجي وئي آ !
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي

آزاد نظم
(روبينه ابڙو)

”دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي“

الئه ڇو ڇاڇري جو چنڊ
ٿيو اڄ سرنِگون آهي
ستارا سوڳ ۾ آهن
هوا بڻجي رُدالي ٿي سَٽي سينا ڀِٽن جا ۽
افق ڄڻ ماتمي پِڙُ آ
وري اڄ ڇاڇري جي ڌرتتي
ويئي ڌُڏي آهي
بڻي ساري سڀيتا سنڌ جي
اڄ سينڌ ميري آ
وري “ڦاپي” ۽ “آميءَ” جي
اُها رُوداد ورجائي
ڇڏيا بَکيا اُڊيڙي ڪنهن
سڄي تاريخ جا آهن
وري ڪنهن چيخ جا آهن
پڙاڏا عرش تي پهتا
جهڪايو ڪنڌ ڪارونجهر
سڄو ٿر ٿَرٿِلي آهي
ڊنا ڄڻ مور هن سارا
۽ ڊيلون هِيسيل آهن
پکي سڀ الجهيل آهن
۽ ٻاٻيهن وساريا ٻول هن پنهنجا
ڪَنڊين ۾ سوال سڱرين جان
پيا کڙڪن
پيون ڌڙڪن
دليون تترن ۽ هرڻين جون
سمورن منظرن جون اڄ
اکيون حيران آهن ۽
ٻڌائن وارتا دک جي
دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي
لُٽي وئي آبرو جنهن جي
اتي ئي ڇاڇري ۾ آ
نه ڪو ئي عرب آيو ۽
نه ڪو خلجي نه تاتاري
هيا سي ڌِڱَ ڌرتيءَ جا
چنيسر جيئن هنيائون ڪانُ مٽيءَ کي
ڏسو هُو ڀالوا چِيخِي
رڙِي دانهين چوي ٿو ڪجھ
لڳي ٿو اڄّ ئي ڄڻ مارئيءَ جي
لڄّ ڪنهن لوئي.....

(موتان واري واقعي جي پسمنظر ۾ لکيل)

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...



آزاد نظم
ساک

(روبينه ابڙو)

ڪا جنم جي بيقراري 
رت جيئن ڊوڙي رڳن ۾
ڄڻ پهاڙي ڪنهن نديءَ جان
روح ۾ لهندي وڃي ٿي
سار جي سڀ ٿوهرن تي
ڪيترا چهرا ڦٽا هن
آرسي ماضيءَ جيءَ ۾
نقش سي اڄ ڀي چٽا هن
۽ ٻَٻُر جي ٻُور وانگر
درد ڄڻ ڇڻندا رهن ٿا
مون مٿان ڪرندا رهن ٿا
ٿيون هوائون جهول ميڙي
وقت جي سوڙهي گهٽيءَ ۾
ڪيترو هوريان هلن پر
دائرن ۾ داستان ڦرندا رهن ٿا
لفظ سڀ لڏندا رهن ٿا
دوستيءَ جو دنگ هو جنهن جاءِ تي
ان کان به اڳتي
ساھ کي ويساھ هو
ڇا عجب اتساھ هو
پڪ جو ڄڻ ريشمي رومال هو
جنهن مٿان مون ڪيترا
ٽاڪيا ستارا ڀرم جا
دوستيءَ جو چنڊ پر الهي ويو
جا ٿڌيري هير هئي ويساھ جي
سا بند ٿي
لُڪ ڪا ويساھ گهاتيءَ جي لڳي
اڄ به مان پيئي جلان تنهن تاءَ ۾
پڄران پئي
ساريان پئي سي حسرتون سي آٿتون
جن جون ڪٿائون ڪيتريون ڦهليل هيون پر
اوچتو ٻهروپ جان هر دوستيءَ پاسو مٽيو
چهرا وڏا
روشن تصور 
پر انهن جا خيال ڪيڏا هلڪڙا ۽
ساٿ ڪيڏا مختصر ها....
دوستيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
ها اڃان تنهن کان به اڳتي
عاشقيءَ جون هون هزارين بارشون
مون مٿان وسنديون رهيون
پاڻ ۾ مان جيتري پن ڇڻ هيس
اوتري سرسبز ٿي پيس
منهنجي ٻانهن جا سمورا هار ها مهڪي پيا
خواهشن جا ڄڻ ڪبوتر
مون اندر اڏري پيا
۽ اچانڪ وقت جي ڪنهن موڙ تي
وصل جي سڀ خواهشن تي
هجر جو پارو پيو
اوچتو ئي شام ٿي وئي
عاشقيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
اڄ وري منهنجي رڳن ۾
ڪا نئين آ بيقراري
جا نئين جهرڻي جيان
ڪا راھ نئين ڳولي پئي
آرسي ميريءَ کي
ڌوئڻ لڳو آ پيار ڪو
سنسار ڪو جڙندي ڏسان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جا
ڪي نوان رشتا پسان ٿي
هڪ نئين برسات آ جا
مون مٿان چاهي وسڻ
منهنجو هردو
وارياسي رڻ جيان تاسو اڃيو
مان پُسڻ ٿي چاهيان
منهنجي سوچن جي سمرڻي
ڪيتري وکري وئي آ
پاڻ ميڙڻ ٿي گهران
پر سوچيان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي
ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اها تُلسي وئي ڪاڏي، اڱڻ ۾ چنڊ ڳولي ٿو

غزل

روبينه ابڙو

سريکو سنگ ڳولي ٿو.
وري ڪو پاڻُ رولي ٿو.

اندر جو هيکلو صوفي،
نوان اسرار کولي ٿو.

اها تُلسي وئي ڪاڏي،
اڱڻ ۾ چنڊ ڳولي ٿو.

الئه ڪهڙو سَجي هُن کي،
سمورا ڦول ڦولي ٿو.

ڪُڇيو بس ڪِين تو جانان،
سمورو شهر ٻولي ٿو.

ڏسو تارا پيا تڙڳن،
گگن ۾ سمنڊ ڇولي ٿو.

نگاهن سان ڪو نيرولي،
نشيلا رنگ گهولي ٿو.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>