امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/02/2017

بي خواب هوا آئي

بي خواب هوا آئي

احمد سولنگي

جنهن وقت کِلي مون تي، آ رات جي تنهائي،
اکڙيون نه اُگهيون ڪنهن ڀي، دل ڪنهن به نه پرچائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

معصوم محبت جا، لمحا هي سَڙن ڇو ٿا؟
۽ دل جي قبيلي جا، خيما هي سَڙن ڇو ٿا؟
ڪنهن ڇو نه ڪئي دل جي، دل ساڻ مسيحائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

جَهٽَ اک نه لڳي رڻ جي، رولاڪ پکين جي آ،
ڄڻ سانت سِبي سوڙهي، پوشاڪ پکين جي آ،
ڪنهن طرف ڪڏهن گُونجي، ڪا گُونجَ نه صحرائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

آواز ويا وسري، نغما به ويا وسري،
واڪا نه وڻن ۾ ۽ جهؤنڪا به ويا وسري،
ماحول ڪيو ڪيڏو، سُرَ، سازَ کي سودائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

چُپ چاپ سڄو صحرا، چُپ چاپ سمندر آ،
چُپ چاپ ڌمالون ۽ چُپ چاپ قلندر آ،
چُپ چاپ ٽُٽن تارا، چُپ چاپ اڪيلائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

ڪو پَرُ به نه خوابن کي، اُڏرڻ جي رکان خواهش،
آڪاش، منڊل سارا، اڪرڻ جي رکان خواهش،
رفتار اُتم اهڙي، مان اُن جو تمّنائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/02/2017

ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟

غزل

اقبال رند

ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟
ڪيترو روح کي ڦٽي ماڻهو؟

منهن مٽي جو وَيو زمانا ٿيا
ڪاش! هن موڙ تان مٽي ماڻهو

ڪيئن چئجي ته پيار هارائي
پوءِ ڀي کوڙ ٿو کٽي ماڻهو

ڪو ته آڪاش جئن به هوندو آ
پر ته هرڪو نٿو پٽي ماڻهو

روز ٿو انت پاڻ تي آڻي
روز ٿو پاڻ کي لٽي ماڻهو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هڪ دفعو ڀاڪر ڀريو تو، سيءَ ۾

غزل

سعيد سومرو

هڪ دفعو ڀاڪر ڀريو تو، سيءَ ۾،
عمر مان ڏڪندو رهيس پو، سي ۾.


هير ٿڌڙيءَ سان گھٽيءَ مان حيدري،
ڪئن نه ’حق حق‘ ٿي ڪندو ويو، سيءَ ۾.

گرم تنهنجن قربتن جي مٽ نه آ،
ساٿ تنهنجين سارڻين جو، سيءَ ۾.

ڇا ٿيو، جي لاهي چادر پيرَ تان،
ساڌ ننگي تي وڌي تو، سيءَ ۾.

چاندنيءَ ۾ پيچرا ڪو پُور هن،
ماٺ کي آ تنهنجو لهجو، سيءَ ۾.

صبح ساجهر ريڙهي ڪڍندي روڊ تي،
ڪيڏو ٿڙڪي ٿو ڪراڙو، سيءَ ۾.

ڪير نڪري سڏ ورنائي ’سعيد!‘
ديش سارو، سانت - سوگھو، سيءَ ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/02/2017

کيس چئجو هتان گذر نه ڪري

غزل

اقبال رند

کيس چئجو هتان گذر نه ڪري
شهر جو شهر دربدر نه ڪري

کيس چئجو نئي جواني آ
شام جي پهر تي قهر نه ڪري

کيس چئجو ته عارآ جوڀن جو
تيستائين ڀلا ڪڪر نه ڪري

کيس چئجو ته ايترو نکري
جو صنم نيڻ مختصر نه ڪري

کيس چئجو اکيون ٿڪي پونديون
منظرن جو ڊگهو سفر نه ڪري
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/01/2017

اَکِ اَکِ سان رکي ياري، دِل دِل سان ڳنڍيو ناتو

عبدالغفار تبسم

اَکِ اَکِ سان رکي ياري، دِل دِل سان ڳنڍيو ناتو، 
پرين پيار جو تو مان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.

شوق منجھ ڇڄي ڇاتي، تو پريت اھڙي پاتي، 
ٻَکَ بوسا، ڪوسا ڀاڪر، دل پوءِ بہ اڃان آتي، 
جيڏي تو سونھن سونپي، تيڏو اندر آتو، 
پرين پيار جو تو مان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.

اَکِ اَکِ سان جڏھن اَٽِڪي شوق شُعلا شُعلا ٿي پيو، 
دل دل سان ملي جڏھن عشق آگ اُلا ٿي پيو، 
مَنَ مچ ٿي ٻريو جڏھن تو ڇاتيءَ سان لاتو، 
پرين پيار جو تومان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.

تن تانگھ سڄو تبسم، سِڪَ سمنڊ آ من سارو، 
ڇر ڇوليون سينو منھنجو، تہ بہ ڄڻ ساڳو تاسارو، 
ڍَوَ سان ڀي نٿو ڍاپان، اھڙي اُڃ بڇي آ تو، 
پرين پيار جو تو مان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/12/2016

سکي جون رهن ٿيون سنڀارون اسانکي

غزل

مرتضى ڦل

سکي جون رهن ٿيون سنڀارون اسانکي 
پري کان سڏن ٿيون پڪارون اسانکي

ٻه ٽي لڙڪ آڇي وري هي کلن ٿيون 
جتي راھ اٽڪيون نهارون اسانکي

اسان ٻانهن تو ۾ شھادت قبولي
ڇنڻ جون نه ڏي تون ميارون اسانکي

اوهان ويس ڳاڙھو ڪيو آھي شايد
تڏھن هي وڻن ٿيون بهارون اسانکي

حجابن ۾ ويڙھي رکو ٿا بدن ڇو
چون ٿيون ته گج جون ستارون اسانکي

اهي وار پڃرا ڪري تو ته آندا 
وري ياد آيون اڏارون اسانکي

اڃان ڀٽڪندا ٿا رهون مرتضي جو
اڪيلو ڪري ويون قطارون اسانکي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تون ڳالھه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي

تون ڳالھه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي،
تون ڪُوڪ سُڻين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي،
غير ته آخر غير ئي رھندو، غير تي ناھي ڪائي ميار،
جا ماري ٿي سا ڳالھه ٿي ماري، پنھنجي ديس جي 'يارن' جي.

(عمر ملاح)
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>