امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/10/2015

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن

غزل

آثم ناٿن شاهي

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن،
تنهنجي ساهن جون سُرهاڻيون مون کي آڻي ڏينديون آهن.

پل ۾ پولارن ۾ گم ٿي ويندا آهن ٽهڪ خوشيءَ جا،
شاديءَ کان پوءِ موڙن جا گل ٻڪريون کائي وينديون آهن.

ويا ڪل من جو آٿت بڻجي اينديون آهن ڪي ڪي جهڻڪون،
ڪي ڪي مُرڪون ويندي ويندي، ساهه نپوڙُي نينديون آهن.

توکان پوءِ به تو جئن مون کي پيار ڪنديون هن ڀاڪيون پائي،
تنهائيءَ ۾ جيڪي ڳجهه جون ڳالهيون توسان ٿينديون آهن.

ننڍڙيون ننڍڙيون چنتائون ڀي نيٺ وجهن ٿيون ماڻهو ماري،
ٻاڪُوءَ ماپ ڪهاڙيون آثم! لنبا وڻ وڍينديون آهن!

1 تبصرا:

Saleem Magsi لکيو آهي

هل ڙي يار نڪرون ان ڳوٺ مان
ساڙ سڙين ۽ منافقن جي ڳوٺ مان
نم پپر هاٺي هيڻي پن بهار مد ڇڻجن
اکيون آويون جن تن جي ڳوٺ مان
هڪٻئي لاءِ همدردي جت اڻ لڀ
خوشين ۾ خار وارن جي ڳوٺ مان
ڳڻي ڪيترا ڳڻيان گهاءُ جي اتان مليا
ڌڪا ڏنا روئي نڪتس ان ڳوٺ مان
ڪنهن سار لڌي نه ڪنهن ڳل لاتو
ڦٽ سي ڳاڙيندو موٽيس ان ڳوٺ مان

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔