دل ۽ دلبر
حاجي احمد ملاح
دل به وئي دلبر به ويو، آئون ڪيئن سهان اهي سور ٻئي،
خواه ميڙين، خواه مارين، مون ڪيون منظور ٻئي.
خاص خدمت ۾ رهيو ٿي، چنڊ چوڏهين ماه سج،
در تي دربانيون ڏٺم پلپل، پري ۽ حور ٻئي.
اڄ سڄڻ سرمون وجهي، سهسين ڪيا سينگار هار،
گرز گز گهائين ڀلين، گهوڙا ! نه مٽ هڪ گهور ٻئي.
پيچ پائي منجه پسه، قابو وڌم ڪاڪل قريب،
من مڙهيم محبوب سان، جيئن مينهن ڪنڍي جا پور ٻئي.
پهلوانن جون پتيون، لاهيو لڙائي ۾ وجهن،
جنگ ۾ جاڙا ڀرون، ڀالا هڻن ڀرپور ٻئي.
پنبڻيون ڪنهن پر نه پوريون، ڳاله هڪ هر گز هلن.
دم ڇڪينم، دل تڪينم، دم ڌڪينم، دور ٻئي.
جان جليم جوش ۾، جلوو پسي جانب جمال،
جوت جاڳي ات، جتي گڏجن تجلي طور ٻئي.
عشق ”احمد“ ساري، نت رواڙيم رت ڦڙا،
محب ۽ محبت گڏيم ، ميثاق کان مغرور ٻئي.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔