غزل
ج ع منگهاڻي
لڙڪن جو پڙلاءُ نہ ڪر
ايڏو ڀي ڏيکاءُ نہ ڪر
صدين تائين وکري ويندين
سوچن جو ٽڪراءُ نہ ڪر
ڪونهي ڪو ڀي ويڄ طبیب
گهرو ايڏو گهاءُ نہ ڪر
لڀجي سگهندين ڪين ڪٿي
سورن سان سرچاءُ نہ ڪر
ماٺ مٺيءَ ۾ وينديس آنءُ
مونسان ڪوئي داءُ نہ ڪر
ميڻ جيان مان وگهري وينديس
باھ جيان ڪو تاءُ نہ ڪر
ڪاوي جهڙو من اسان جو
لفظن جو پٿراءُ نہ ڪر
جيون اڳ ئي کارو ٻاڙو
ويتر ڪۇڙو ساءُ نہ ڪر
ڪين منگهاڻي لاهي سگهندي
ٿورن جو ورجاءُ نہ ڪر