امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


13/01/2014

هر شخص فنا آهي


غزل

پريم پتافي

هر شخص فنا آهي.
۽ فن کي بقا آهي.

ايمان بچايوُن شل!
ٿيو شخص خدا آهي.

بي فيض رهيا ناهيون،
جيجل جي دُعا آهي.

مٽي مان ٿيل پيدا،
فطرت جو لقا آهي.

هن دور ۾ شاعر ئي،
‘موسيٰ’ ۽ ‘عَصا’ آهي.

اَڄ سوڳ ۾ ٻيهر ڏس،
‘زينب’ جي رِدا آهي.

ڪرتوت هِي ماڻهو جا،
ابليس خفا آهي.

ڇڪجي ٿا وڃن ماڻهو،
جنهن طرف هوا آهي.

آدم جي حصي ۾ ڀي،
هڪڙي ئي خطا آهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سار تنهنجي بهار وانگي آ


غزل

پريم پتافي

سار تنهنجي بهار وانگي آ.
ڪنهن ڪنواريءَ جي پيار وانگي آ.

تنهنجو مُرڪڻ لڳي ٿو اِئن مون کي،
مَڌ جي ڄڻ خُمار وانگي آ.

ساري دنيا هي خوبصورت ڄڻ،
تنهنجي پهرين نهار وانگي آ.

پير پاتو نه تو اڃان آهي،
گهر به لڳندو مزار وانگي آ.

روز توسان ملڻ جو سوچي ٿي،
دل هي منهنجي به ٻار وانگي آ.

_____

اسان رات تنهنجي شهر ۾ رهياسين.
پرين! ڄڻ ته خوشبُوءَ ـ نگر ۾ رهياسين.

ملي ڪانه منزل اسان کي ڪڏهن ڪا،
حياتي سموري سفر ۾ رهياسين.

نه توسان مِلياسين، کِلياسين، رُناسين، 
زماني جي ظالم نظر ۾ رهياسين.

تڏهن سونهن ساڃهه اسان وٽ ملي ٿي،
ڀٽائي جي سُهڻي اثر ۾ رهياسين.

نڪي پاڻ ٺاهيم، نڪي گهر کي ٺاهيم،
سدا عشق تنهنجي چڪر ۾ رهياسين.

ڪڏهن سنڌ کي بس ملي آجپو ٿو،
سدائين انهي ئي فڪر ۾ رهياسين.

_____

ايترو نه ڪنهن کي سارجي.
ايترو نه خود وسارجي.

ايترو نه، زندگي لڳي،
ايترو نه پاڻ وارجي،

ايترو نه سوچجي ڪڏهن،
ايترو نه پاڻ ڳارجي،

ايترو نه، دل ٽُٽي پوي،
ايترو نه هانءُ - هارجي،

ايترو نه، ڪو مري پوي،
ايترو نه خود سينگارجي 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/01/2014

شهر منهنجو شهر وارا اجنبي

غزل

چندر ڪيسواڻي


شهر منهنجو شهر وارا اجنبي
ساهه جا سارا سهارا اجبني

اوپري تشبيهه ساري سونهن جي
جسم جا سڀ استعارا اجنبي

تو پڃاڻان اوپري ٿي ڪائنات
چنڊ، سورج ۽ ستارا اجنبي 

ڪالهه موٽيس شهر کان واپس جڏهن
ڳوٺ منهنجي جا ئي چارا اجبني

پيار جون ساريون پڪارون اوپريون
عاشقيءَ جا سڀ اشارا اجنبي

موملون مٽجي ويون هون اوچتو
ڪاڪ جا ڀي ٿيا ڪنارا اجنبي

سوز جو هر ساز پنهنجو ٿي لڳو
نينهن جا توڙي نغارا اجبني

ڄڻ سياست اوپرائپ جو ننگر
واعدا، تقرير، نعرا اجبني

نانءَ ڪيڏا پياس جا دنيا رکيا
تو نه سمجهيا ڇو، اڃارا اجنبي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/01/2014

ساوڻ رت جي برکا برسي

گيت

نجمه نور ڦلپوٽو

ساوڻ رت جي برکا برسي،
ٿي وئي ڌرتي سائي سرسي،
بادل ڀرجي ڪن گجگوڙون،
وڄڻون ڪن پيون ور ور اُڙون،
مينهن ڦڙا جيئن جسم ڇهن ٿا،
تينئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

پريم پکيئڙا، ٻوليون ٻولين،
پنهنجا ساٿي ساريو ڳولين،
جيئن ڪي پيارا پوءِ ملن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

ٿڌڙي ٿڌڙي هير گهلي پئي،
ڄڻ ته سرير ۾ سير هلي پئي،
مکڙين مان جيئن گل ٽڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا،

پنهنجي ديس ڏي ڪونج قطاري،
مون به پرين جي واٽ نهاري،
جيئن انڊلٺ جا رنگ رچن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

گلن تي پوپٽ ڦيرا پائن،
پنهنجي امر پيا پريت پسائن،
گلڙن تان جيئن گهور وڃن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.

سرتيون سرھا پيار پچارن،
ڳل ڳراٺڙيون پائي مارن،
جيئن ڇاتين مان ڇوھ ڇلن ٿا.
تيئن نيڻن مان نير وھن ٿا.

برکا جو رنگ چوڏس پکڙيو،
موهه مچي پيو مورک من جو،
جيئن جذبن جا گيت جڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جَانِ جهُرندي رهي، رات روئيندي رهي

گيت 

نجمه نور ڦلپوٽو

جَانِ جهُرندي رهي، رات روئيندي رهي.
آس ٽٽندي رهي، تون نه آئين پرين.

مينهن وسندا رهيا، پٽ پسندا رهيا،
ساز وڄندا رهيا، هير گهلندي رهي.
تون نه آئين پرين. 

سنگ پچندا رهيا، کيت کڄندا رهيا،
رنگ رچندا رهيا، پريت پچندي رهي،
تون نه آئين پرين. 

گل ٽڙندا رهيا، ڀنئور مڙندا رهيا،
گيت جڙندا رهيا، باک ڦٽندي رهي،
تون نه آئين پرين. 

لاٽ ٻرندي رھي، ماٽ وسندي رھي،
رات ڀڄندي رھي، جان جھلندي رھي
تون نه آئين پرين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو

غزل 

عائشه ميمڻ

رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو،
جسم ڀوري مٿان ويس ڪارو ڏٺو.

جام نيڻن سان پياري پيو لوڪ کي،
ڪيترو پاڻ پوءِ ڀي اڃارو ڏٺو.

ها ستارا سوين رات آڪاس ۾،
چنڊ جي اوڏڙو هڪ ستارو ڏٺو.

موڪلايئي پرين! رات بوسا ڏئي،
جاڳ ٿي ساهه ڪيڏو ڏکارو ڏٺو.

”عائشه“ ڇو نه آيو اڃا هُو سڄڻ،
سارَ سان مون گذاري سيارو ڏٺو.





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/12/2013

مان باغي هان، مان باغي هان

راشد مورائي

مان باغي هان، مان باغي هان

جي دل ۾ تنهنجي ڪلفت آ، ته مونکي توکان نفرت آ،
جي دين اوهان جو دولت آ، مذهب منهنجو محبت آ،
تون انسانن جو ويري آن، ۽ منهنجي توتي لعنت آ
مان باغي هان، مان باغي هان.

هيءَ ڳاڙي ماڙي رئيسن جي، ۽ سائي جيب وڏيرن جي،
مان باغي هان سو باه ڏئي ٿو ڪريان سڄ لٽيرن جي،
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هُت توکي تياري نيرن جي،
اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ، جهڙپ بکايل شيرن جي،
مان باغي هان، مان باغي هان،

هت ڀونڪ ڪتي جي ڪان ٻجهي،هت وڏڙا واڪا ڪڪڙن جا،
هي بنگلو آهي رئيسن جو، جت ڌوڙيا آهن ڌُڪڙن جا،
هت گاه نه آهي گابي کي،هت چارا آهن ڪڪڙن جا،
هي هاريءَ جو هڪ ديرو آ، جتي مارا آهن مڪڙن جا،
مان باغي هان مان باغي هان.

هي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،
سي کائي کائي خوش ٿئي، ۽ مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،
۽ ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيح تي، ٻي وائي ڪاب نه ڄاڻي ٿو،
هي ڪافر آ، هو ڪافر آ، بس تند اها ئي تاڻي ٿو،
مان باغي هان مان باغي هان.

تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو، مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو،
تون لاشن تي ٿو ڏند ڪڊين، مان لڙڪ انهن تي لاڙيان ٿو،
مان انسانيت جو درس ڏئي، ڏس قول اڳوڻو پاڙيان ٿو.
مان سوليءَ تي پڻ سچ چئي، اڄ تنهنجو اندر ساڙيان ٿو،
مان باغي هان مان باغِي هان.

او ڀڀ وڏا او ڄڀ وڏا، جي تنهنجي هٿ ۾گولي آ،
ته باغي هڪڙو مان ناهيان، مون سان باغِي ٽولي آ،
هي سڀ اهي جن سان کيڏي خون جي هر دم هولي آ،
۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڌيسون، سڀني جي هيءَ ٻولي آ
مان باغي هان، مان باغي هان.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>