امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


11/01/2014

شهر منهنجو شهر وارا اجنبي

غزل

چندر ڪيسواڻي


شهر منهنجو شهر وارا اجنبي
ساهه جا سارا سهارا اجبني

اوپري تشبيهه ساري سونهن جي
جسم جا سڀ استعارا اجنبي

تو پڃاڻان اوپري ٿي ڪائنات
چنڊ، سورج ۽ ستارا اجنبي 

ڪالهه موٽيس شهر کان واپس جڏهن
ڳوٺ منهنجي جا ئي چارا اجبني

پيار جون ساريون پڪارون اوپريون
عاشقيءَ جا سڀ اشارا اجنبي

موملون مٽجي ويون هون اوچتو
ڪاڪ جا ڀي ٿيا ڪنارا اجنبي

سوز جو هر ساز پنهنجو ٿي لڳو
نينهن جا توڙي نغارا اجبني

ڄڻ سياست اوپرائپ جو ننگر
واعدا، تقرير، نعرا اجبني

نانءَ ڪيڏا پياس جا دنيا رکيا
تو نه سمجهيا ڇو، اڃارا اجنبي

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔