امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/01/2014

پن ڇڻ موسم ۾ ڇڻيل پتن جو درد نه ڪنهن ڄاتو


وائي

منير پنهيار

پن ڇڻ موسم ۾
ڇڻيل پتن جو
درد نه ڪنهن ڄاتو

شاعر سوچي ٿو
منهجن نغمن جو
درد نه ڪنهن ڄاتو

مٺڙيء سنڌ جي
وياڪل شامن جو
درد نه ڪنهن ڄاتو

آڌ يء رات رنا
نار يء نيڻن جو
درد نه ڪنهن ڄاتو

منهجي اکين مان
وهندڙ لڙڪن جو
درد نه ڪنهن ڄاتو




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/01/2014

ڪڪر پاڻ ٻُڏي ويا، آيا ها ٻوڙڻ، سِڪي سِر گهورڻ، سِکي ورتائون عشق کان


بيت (سارنگ)

علي زاهد

ڪڪر ڏني ڪوٺ، وسڻ ۽ وهسڻ سندي،
اسان ڇپرن اوٽ، روئي رُتِ رڱي ڇڏي.

روئي رُتِ رڱي ڇڏي اسان جي اکڙين،
مٿان بارشن، وسئون ڪِين گهٽائيو.

وسئون ڪِين گهٽائيو بارش جي بوندن،
اسان کي پِريُنِ روئڻ ڏنو ڪِينَڪِي.

روئڻ ڏنو ڪِينَڪِي سُپريُن سنديءَ سار،
کِلي سڀ آثار، مِٽايائين مونجھ جا.

مِٽايائين مونجھ جا سمورا اسباب،
اسان، منجھ آداب، سِر نمايو سونهن لئه.

سِر نمايو سونهن لئه، ڪڪرن ڪارونڀار،
اسان سندو يارُ پَسيُنِ ڪِٿي پنڌ ۾.

پَسيُنِ ڪِٿي پنڌ ۾ اهڙو نينهن عجب،
ڪڪرن لاءِ غضب، وسيا بيوسا بَڻي.

وسيا بيوسا بَڻي، اولھ کان آيا،
ٻوڏُلَ لئه ڄايا، ڪڪر پاڻ ٻُڏي ويا.

ڪڪر پاڻ ٻُڏي ويا، آيا ها ٻوڙڻ،
سِڪي سِر گهورڻ، سِکي ورتائون عشق کان.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪاٿي آهين روشني؟

وائي

علي زاهد

من من ٿاڪ اماس،
ڪاٿي آهين روشني؟

ديپڪ سڀ اجهن پيا،
ٿيندا نيڻ نراس.
ڪاٿي آهين روشني؟

نيرو نڀ رُسي ويو،
ڪاراٽيل آڪاس!
ڪاٿي آهين روشني؟

عمر سموري جهاڳيو،
اوندھ جو بنواس!
ڪاٿي آهين روشني؟

ڀور ا ڀورا ٿو لڳي،
واٽن جو وشواس.
ڪاٿي آهين روشني؟

جگنو جاچيندا وتن،
تارن جو اتهاس!
ڪاٿي آهين روشني؟



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
غزل

علي زاهد

دل جلِيءَ جو نشان ٿو ڳوليان،
جِتِ جلِي سو مڪان ٿو ڳوليان.

ڪيترا درد هِنِ ڪَٺا ٿي ويا!
ڪِٿ کپايان، دڪان ٿو ڳوليان.

ارتقا نئين ڪجي محبت جي،
ڪوئي اهڙو جهان ٿو ڳوليان.

رازداري رکي سگهي جيڪو،
دوستُ اهڙو مهان ٿو ڳوليان.


ٻُڌ ڪليسا، چوي ٿو پاريهر،
“امن جو آسمان ٿو ڳوليان“.

ڇو ته صوفيءَ وڃائِي درويشي؟
اڄ چوي ٿو ته مانُ ٿو ڳوليان.

وقت ٿيو، ويو وڃائجي زاهدُ!
عشق جو داستان ٿو ڳوليان.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

الئه ڇو صفا دل مڃي ئي نه ٿي


ايڪتا ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان لکيل نظم

علي زاهد

الئه ڇو صفا دل مڃي ئي نه ٿي
اسان جي نسل ۾ ڪو ويڇو به آ
اسان جي دلين جي درن جي اڳيان
ڪو نفرت جو، مذهب جو ليڪو به آ،
موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جُڙيل
اسان جون دراوڙ دليون هِن سڄڻ
اسان جو ضمير ۽ خمير آ عجب
الستي اسان جي آ هستي پرين
اسان کان ئي انسانيت ٿي شروع
اسان ماڻهپي جا علمدار هون
اسان جو حسب ۽ نسب وڏوڙو
۽ تاريخ جا هون ڌراڙا اسين
وفائن جو اهڃاڻ پنهنجي مٽي
اسان جون جڙون کيرٿر ۾ کُتل
۽ ڪاڇو آ نهٺائيءَ جو سلسلو
ڪَچي جا ڪشالا اسان جو فخر
پڪي جا حوالا اسان جو هُنر
اسان شاھ درياھ جا نگهبان
۽ درياھ پنهنجو سدا ڀرجهلو
ڀٽائي اسان جو سچو راهبر
تِمر جي تپسيا اسان جو ثمر
رکون حوصلا ٿا بلاول سندا
۽ سچُوءَ جو وجدان رڳ رڳ ڀريل
اسان ئي هون ٻيجل، اسان راءِ ڏياچ
آ ڪونرُو ۽ ٻاگهِي اسان جو صبر
ننگر جي جگر جو جگر روپلو
مٽيءَ جيءَ رڪشا جو ضامن هيو
ڪَنوَر جي ڪلا ۽ جلا کي ڏِسو
ڪو چارڻ ڪو ٻيجل هيو دور جو
ڏيارام منهنجي مٽيءَ جي ڏيا
ڪشن چند، موهن ۽ منهنجو شيام
هُو ڏاهر، هُو مايِين، هُو مينڌرو
محبت شجاعت جا پيڪر هئا
اها ئي آ سنڌڙي، امانڻون وطن
اهي ئي اسان ۽ اهو ئي چمن
اهي ساڳيون ٽاريون هِن ٽڙيل
مگر ڇو گلابن ۾ خوشبو جدا؟
هِتي سو تِمر ۽ ڀڳت ٿو رهي
رهي ڪوئي موهن، ڪشن ڪو شيام،
محبت جو رشتو اڃان ناتمام
مگر دور منهنجي جا اي دلبرو
ڪٿي آ سا تاريخي تهذيب ۽
ڪٿي رهجي ويا پنهنجا روشن خيال
ڪٿي سي رهيون سوچ جون وصعتون
ڪٿي پنهنجا ڪردار هِن باڪمال
رکيا ڀِيلَ ڪي ئي مٽيءَ ساھ ۾
ڇو ڀُوري جو مڙُھ ٿو رُلي راھ ۾
مٽي خود ڏِسي پئي مٽيءَ جو لقاءُ
مٽيءَ سان هي ڪهڙو ڪيون ٿا انياءُ
هي ويڇا هي دوکا دغا جا پرين
هي نفرت، هي انڪار ڇا ٿو ڏَسي؟
هي ڳڻتي اندر مان وڃي ئي نه ٿي،
الئه ڇو صفا دل مڃي ئي نه ٿي....
اسان جي نسل ۾ ڪو ويڇو به آ.......!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

باک جي تاڪ تي ڄڻ ڏيئا هِن رکيل، هاءِ تنهنجي اکين مان اجهان ۽ ٻران


غزل

علي زاهد

سونهن کي مان اکين سان ٿو سجدا ڪيان،
ان ڪري ئي سدا باوضو ٿو رهان.

حُسن سَڪرات جهڙو ڇڏي ويو اثر،
عشق دلجاءِ ڏي مان جيئان يا مران؟

باک جي تاڪ تي ڄڻ ڏيئا هِن رکيل،
هاءِ تنهنجي اکين مان اجهان ۽ ٻران.

سانوري شام آ، دل به چاهي گهڻو،
تون اچين ٻک ۾ مان پناهون ڏيان.

او مِٺي تون هجين پيار لئه تشنه لب،
مان ٿيان وڏڦڙو اوڙڪون ٿي وسان.

سڀ جهميلا ڇڏي اڄ ڪي ميلا ڪيو،
ساٿ ڏيو رقص ۾، هيکلو پيو نچان.





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/01/2014

اهو، ها هڪڙو شاعر آ


مريم مجيدي

اهو، ها هڪڙو شاعر آ

سچي تاريخ جو ڪاتب،
سڄي تهذيب جو وارث،
ضميرن جي سچائي سان،
خميرن جي سهائي مان،
سهيڙي سنڌ جا سڏڪا،
چٽي ٿو درد زخمن جا،
عجب دنيا عذابن جي،
اکين سان جنهن اَجهاڳي آ.
اُهو ها هڪڙو شاعر آ.

اکر هن وٽ ثوابن جا،
رڳو قومي عبادت آ،
اُميدون، خواب، آزادي،
ڌراوت هن وٽ قومن جي،
چيهاڙيل چنڊ آ ڀونءَ جو،
خوشيون کسيل ستارو ڪو،
اَڏي اوجهڙ آڏو ٿو اَڏ،
ڪلا جي چڻنگ جاڳي آ.
اُهو ها هڪڙو شاعر آ.

  
اُسڙڪي اُڃ ۾ ڌرتي،
سڏي سنڌو پئي سرتي،
ٻڌي مظلوم ڪيٽي جا،
اڃا به ٺٽو پيو سڏڪا،
ڌڻيڪي سنڌ پنهنجي جو،
اڃا سنڌي نڌڻڪو ڇو؟
خماريل ننڊ نيڻن مان،
ڪوي اُڇلي تياڳي آ.
اُهو ها هڪڙو شاعر آ.

پرهه جا پاند اڃا ڪارا،
اڃا موتون ۽ پرمارا،
اڃا تائين نه هن ڀون جي،
بهارن مند ڪا موٽي،
اڃا هت ڏات ڏوهاري،
ڏکن ۾ ڏيهه جو هاري،
اڻانگي عشق جي پنڌ ۾،
اواڳي واٽ واڳي آ،
اُهو ها هڪڙو شاعر آ.

 ڪڏهن ٿيو نظم “مجيدي” جو،
ڪڏهن “منشي” جو هو نعرو،
ڪٿي ٿي “اياز” هي آيو،
ڪٿي هي “سرويچ” سڏايو،
“همايوني”، “بخاري” ٿيو،
“وفا” جو پڻ غزل ٿي ويو،
“سچل ۽ ويندي سامي” کان،
“ڀٽائي” جي اَجهل نينهن سان،
صديون هن جوءُ سجاڳي آ.
اُهو ها هڪڙو شاعر آ. اهو سانگي يا ساگر آ،
مگر سچ جو پيغمبر آ. اهو ها هڪڙو شاعر آ.





[1] نوٽ: انقلابي  ۽ عوامي شاعر محمد خان مجيدي جن جي شخصيت جي پس منظر ۾ لکيل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>