غزل
مريم مجيدي
پورن
۾ اڻ پورا ٿي ويا،
چهرا
چنڊ اڌورا ٿي ويا.
رات
ڄڻي پئي ڪاريون چڻنگون،
ڏينهن
جا ڏِڻ پورا ٿي ويا.
ذهن
وفا کي وڪڻي ويٺو،
عشق
اُجهاڻل کورا ٿي ويا.
صدين
جيڏا ڏک اجهاڳي،
گيت
اسان جا مورا ٿي ويا.
تعبيرن
جا خدا ڳولي،
خواب
اجنتا، الورا ٿي ويا.
ڪشڪول
دعا جا سکڻا سڀ،
سانت
ورد سمورا ٿي ويا.
پنهنجا
ثواب گناهن جهڙا،
تنهن
جا ڏوهه سڳورا ٿي ويا.
¦
غزل
مريم مجيدي
اسان
نينهن سان پت پاري ڇڏي آ.
حياتي
اوهان جي اشاري ڇڏي آ.
رڳو
جاڳ گهرجي، جيئون جاڳ جي لئه،
اسان
ننڊ نيڻان اُٿاري ڇڏي آ.
نڪو
ڏينهن آهي نه ڪا رات آهي،
اسان
رُت هرڪا بيهاري ڇڏي آ.
وفا
وقت جي ڪنهن غفا ۾ نه گم ٿي،
رکي
سام سچ جي پناري ڇڏي آ.
ڀلايون
برهه جون پُڳا ماڳ آهيون،
ائين
سڪ سکڻي سنواري ڇڏي آ.
نه ڪي
تڙ اوتڙ ڏٺاسي ڪڏهن ڀي،
اسان
نائو سک جي ڌتاري ڇڏي آ.
پرهه
کي پڇائي ٿڪاسون نه ٿڪجون!
اسان
ڳهر ڳاري پگهاري ڇڏي آ.
جُڳن
کان جيئڻ جي رکي جنگ جاري،
اسان
ڏات هرڪا جيئاري ڇڏي آ.
¦
غزل
مريم مجيدي
جوڙيون
عشق عبادت گاهون.
انسانن
جون پيار پناهون.
مايوسي
جي ماڪ ڀنل مان،
سوچون
للڪاري ڪن ڪاهون.
چهرن
تي چانڊاڻ چٽي ٿي،
مُرڪن
ڳوليون منزل گاهون.
سار
اسان جي جوڀن ماڻيو،
ويساهن
سان ٻکي ٻانهون.
ضبط
جڏهن ٿي من جي موسم،
پن ڇڻ
ڇانگيون نينهن نگاهون.
هرڪو
پنهنجو راڳ الاپي،
سڀ ڪو
سمجهي پاڻ مٿاهون.
ڏات
اسان کي ڏيکاري وئي،
پنڌ
نٽهڻ جو، اُڃ جون راهون.
¦
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔