غزل
مريم مجيدي
ساهه
کان معصوم سڪ جون ساعتون ڇو ٿا کسيو؟
زندگيءَ
جي ڳاڙهي ڳل تان چاهتون ڇو ٿا کسيو؟
رات
جي سنگين اک مان ڪو ٽٽي تارو پيو،
مات
جو ڏک مختصر پر آٿتون ڇو ٿا کسيو؟
هٿ
تري طوفان جي تي ڏاڍ جو ٻاري ڏيو،
چوڪ
کان چانڊوڪين جون عادتون ڇو ٿا کسيو؟
آيتن
جهڙين اکين جا غزل ٿا ڳوڙها لکن،
ياد
جي هي بندگي ۽ عبادتون ڇو ٿا کسيو؟
المين
جي مند ۾ جي محبتون قضا ٿيون،
قرب
سانڍيون ساهه ۾ سي امانتون ڇو ٿا کسيو؟
هر
نگر ناموس جو ۽ تهذيب جي هرڪا گهٽي،
تهمت
مڙهي تاريخ تي، عظمتون ڇوٿا کسيو؟
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔