مريم مجيدي
هڪ سال نئون هي آيو وري
ڪجهه
اسان وساري ڇڏيو پرين،
ڪجهه
اوهان نه ساريو سڏيو پرين!
ٿي
خواب ويا خاموش صدمو،
ٿي آس
ڦري اُداس لمحو،
بي
رخي جي پئي باهه ٻري،
بي
چين اکيون ٿيون ميڻ ڳري،
هر
ڏينهن اسان جو هو زخمي،
هر
رات ٿي گذري لڙڪ ڀني،
ڪنهن
ڏنڀ ڏنا، ٿي گل پيا،
ڪنهن
ڪنڊن جهڙا ڏڍ ڏنا،
ڪي
دؤر ويا ڪي سال ٿيا،
ڪي سج
ٻڏا، ڪي چنڊ لٿا،
ڇاڇا
نه سٺو مون تو کانسوا؟
ڇا
ڪين وڃايم تنهنجي بنا؟
نه
جيت هئي نه هار هئي،
نه
ميت لڌي ڪا سار هئي،
بس
هڪڙي وائي وات رهي،
بس
تنهنجي هردم تات رهي،
شل!
منهنجي دعا ڪا ربّ ٻڌي،
شل!
توکي ڪوسو واءُ نه لڳي،
هڪ
ڀيرو ملون شل! پاڻ ٻئي،
هڪ
سال نئون هي آيو وري!
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔